جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو

جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو

جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو

جِت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ناليواري ليکڪ ۽ صحافي امر لغاريءَ جي سفري مشاهدي تي مشتمل آهي. هن ۾ سنڌ جي ڍنڍن، ڍورن، آبي گذر گاهن، وڻراهن، ريگستانن ۽ انهن ۾ وسندڙ مخلوق جو مشاهداتي مطالعو تصويرن سميت ڏنو ويو آهي، هن ڪتاب جو مهاڳ صحافي ۽ ڪالم نگار اسحاق مڱرئي لکيو آهي. ليکڪ جا ٻه اکر شامل آهن. ڪتاب ۾ ڏنل تصويرون ليکڪ جون ڪڍيل آهن ۽ ان ۾ موجود اسڪيچ اي. آر. آزاد ٺاهيا آهن. چار رنگي ٽائٽل سان ڊيمي سائيز جي 166 صفحن واري هن ڪتاب جي ٽائٽل ۽ بيڪ ٽائٽل تي جانورن، وڻن، ٻوٽن، بندرگاهن ۽ آبي جيوت جون رنگين تصويرون ڏنل آهن ۽ ڪتاب جي قيمت 120 رپيا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2003ع ۾، ’موهن جو دڙو‘ پبلشنگ ايجنسي، لاڙڪاڻي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو